ڄام کنگهار (پهريون)

ڄام کنگهار (پهريون)

ڄام کنگهار (پهريون)

ڄام کنگهار (پهريون): ڪتاب ’Cutch- The Jareja Dynasity (Genealogy)‘ موجب ڄام همير جا چار پٽ: صاحب، کنگهار، رائب ۽ اليو جي نالن سان هئا. سردار همير جيءَ کي ڄام راول نالي هڪ جاڙيجي قتل ڪيو. پيءُ جي قتل کان پوءِ همير جيءَ جو پٽ کنگهار مدد لاءِ احمد آباد جي ناظم ڏانهن ڀڄي ويو، جيڪو سندس ڀيڻو هو. ناظم کيس خوشيءَ سان مدد ڏيڻ قبول ڪئي ۽ هن کي قوم جي سرداري ۽ قاتل کان سندس غضب ٿيل حق وٺي ڏيڻ لاءِ هڪ فوج رواني ڪئي. جڏهن ناظم جي فوج ويجهو پهتي، تڏهن راول پنهنجن رفيقن سان ڪاٺياواڙ ڀڄي وڃي نوان ننگر (ڄام نگر) نالي شهر جو پايو وڌو، جيڪو اڄ تائين سندس پوين جي قبضي ۾ آهي. راءِ کـنگهـار، مـوروي کـي مـرڪـز بڻائي، ڄام راول خلاف جدوجهد شروع ڪئي ۽ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ آخرڪار 1548ع کان راءِ کـنگهـار ڪـڇ جــو حڪمران ٿيو ۽ ڀُڄ ۾ قلعو ٺاهي ان ۾ رهڻ لڳو. تان ته ميرزا عيسيٰ خان ترخان جي ڏينهن ۾ ميرزا باقي ترخان تمام بڇڙي حالت ۾ اتي پهتو. ان سلسلي ۾ تاريخ طاهريءَ جو بيان آهي ته، ”کنگهار پريندي ئي مرزا باقيءَ کي سڃاڻي ورتو. سندس بڇڙا حال ڏسي ڏاڍو افسوس ڪيائين. پوءِ سندس مدد ڪري کيس عزت آب سان پاڻ وٽ رهايائين. تنهن کان سواءِ ٻين ماڻهن به مرزا باقيءَ جي چڱي دل جوئي ڪئي. (حوالو: ٽه ماهي مهراڻ، 1-2/2008ع).
راءُ کنگهار 1585ع ۾ وفات ڪئي، کيس ٻه پٽ ڄام ڀرمل ۽ ڄام ڀوڄراج جي نالي سان هئا. راءُ کان پوءِ وارا سمورا حڪمران ڄام بدران راءُ لقب استعمال ڪندا رهيا آهن. ويندي هن پوئين دور ۾ لکيل تاريخن ۾ ڄام همير ۽ ان کان مٿي وارن حڪمرانن لاءِ به ’راءُ‘ جو خطاب استعمال ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو